پال وجهڻ

پال وجهڻ: ميوي پچائڻ جو هڪ طريقو، جنهن ۾ ڪچو ميوو مَٽ يا ڀانڊي ۾ وجهي مٿان ڪک، بُهه يا گاهه سان بند ڪري ڇڏڻ سان ميوو پچي ويندو آهي. هر هڪ ميوي پچڻ جو مُدو جدا جدا ٿيندو آهي، جيئن: انب ڇهن ستن ڏينهن ۾ پچندو آهي ۽ ڪيلو گهٽ ۾ گهٽ اٺ ڏينهن پچڻ ۾ لڳائيندو آهي. سنڌ ۾ هيٺين جنسن جي ميوي لاءِ پال وجهبو آهي: انب، ڪيلو، پپيتو، چَڪو يا چيڪو. اڄڪلهه پال وجهڻ لاءِ ”ڪارپٽ“ استعمال ڪيو وڃي ٿو، جنهن سان ميوو جلد پچي ويندو آهي. ’پال وجهڻ‘ اصطلاح به آهي. پر پال وڌل ميوي کي پالي چئبو آهي، مثال: پالي انب وغيره.


لفظ پال وجهڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو